ڇاٻڙيا، آرتي

ڇاٻڙيا، آرتي

ڇاٻڙيا آرتي

ڇاٻڙيا، آرتي: بالي ووڊ جي نامور اداڪاره آرتي ڇاٻڙيا، 21 نومبر 1982ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو. هن سنڌي خاندان سان تعلق رکندڙ ڇوڪريءَ جو والد اشوڪ ڇاٻڙيا ڏندن جو ڊاڪٽر ۽ ماءُ نسيما ڇاٻڙيا انٽيريئر ڊزائنر آهي. آرتيءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ٽن سالن جي عمر ۾ ڪمرشل اشتهارن کان ڪيو. ٿوري ئي وقت ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ وڏي شهرت حاصل ڪيائين. 1999ع ڌاري کيس ’مـس انـڊيـا‘ جو اعـزاز مليو. هن مـاڊل طور مختلف فلمن: ’نشا هي نشا هي‘، ’روٺي هوئي هي ڪيون‘ ۾ ’مڌوبالا‘ جو ڪردار ادا ڪيو. هن 2001ع ڌاري ٺهيل فلم ’لجا‘ ۾ شما جو ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ هن ’آوارا پاگل ديوانا‘ ۽ ’تم سي اچها ڪون‘ فلمن ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. هي ٻئي فلمون 2002ع ۾ رليز ٿيون. سندس ٻين مشهور فلمن ۾: ’شادي نمبر 1‘، ’سک‘، ’تيسري آنک‘، ’پارٽنر‘، ’ڌُوم ڌڙاڪا‘، ’گوپي‘، ’ڪيسي پيار ڪرون‘، ’ملين گي ملين گي‘ وغيره شامل آهن. آرتي ڇاٻڙيا هندي فلمن کانسواءِ تيليگو، ڪنڙ ۽ ٻين ٻولين جي فلمن ۾ به بهترين پرفارمنس ڪري رهي آهي. هن وقت بمبئي ۾ رهي ٿي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.11.21  عيسوي

بالي ووڊ جي نامور اداڪاره آرتي ڇاٻڙيا، 21 نومبر 1982ع تي بمبئيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير بخش عالماڻي
سھراب سومرو
شفيع لاهوري مولانا
شاهه رخ مرزا ترخان
پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني
غلام رسول شڪارپوري
خواجه خيرالدين
رند نواز علي خان
حسن علي عبدالرحمان
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون